صدر پاران تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ

image
APP11-251122 ISLAMABAD: November 25- President Dr. Arif Alvi, addresses a ceremony in honour of Pakistan Cricket Team,in Federal Capital. APP/ZID/SSH

اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود قومي ٽيم ٽورنامينٽ جي دوران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو ۽ ورلڊ ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا، پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود اسان جي ٽيم ان عالمي ٽيمن جي خلاف سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جن کي ڪرڪيٽ جي اربين ڊالر جي معيشت سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اهي، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صدر چيو ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ستارن جي شاندار ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي سڀني پاڪستانين جي زندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو ته تنقيد جو واحد جواب فتح آهي ۽ ان کي سدائين پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اها قوم جي حمايت هئي جيڪا ايتري وڏي ٽورنامينٽ ۾ هنن جي طاقت بڻي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں