وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا جي الوداعي ملاقات

image
APP14-241122 ISLAMABAD: November 24 – Chairman Joint Chiefs of Staff Committee, General Nadeem Raza, Paid a ferewall call on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/ZID

اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جنرل نديم رضا جي وطن جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فوج جي اداري لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جنرل نديم رضا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته توهان جي خدمتن تي فخر آهي، توهان جهڙي باوقار ۽ باصلاحيت آفيسر جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي انتهائي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف جنرل نديم رضا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں