صدر پاران اڳوڻي چيني صدر جيانگ زي من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو

image
APP38-061222 ISLAMABAD: December 06 – President Dr. Arif Alvi offering condolences over the sad demise of former Chinese President, Jiang Zemin at Chinese Embassy. APP/MAF/TZD

اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي چيني صدر جيانگ زي من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيني سفير نونگ رونگ سان پڻ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چيني صدر جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو. منهنجا خيال ۽ مخلصاڻيون دعائون اڳوڻي صدر جي گهرڀاتين، دوستن ۽ چيني عوام سان گڏ آهن. صدر عارف علوي چيو ته جيانگ زي من هڪ بهترين سياستدان ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، اڳوڻي صدر ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطحن تي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏنو، جيانگ زيمن پاڪستان جو هڪ عظيم ۽ بااعتماد دوست هو. هن چيو ته جيانگ زيمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انمول ڪردار ادا ڪيو، اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي غيرمعمولي اعتماد، افهام ۽ تفهيم، اسٽريٽجڪر ابطي ۽ وسيع تر عملي تعاون تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا، سي پيڪ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪيو آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي جلد مڪمل ڪرڻ سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر ڪورونا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران چين جي فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. بعد ۾ پاڪستان ۽ چين جي سرڪاري ميڊيا کي جاري ڪيل پريس بيان ۾ صدر چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پائيدار امن، عالمي ۽ علائقائي معاشي ۽ مالياتي استحڪام ۾ چين کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں