اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ادارن، گرلز گائيڊز ۽ بوائز اسڪائوٽس تي زور ڏنو آهي ته اهي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين، ڪاليجز ۽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪارڊيڪ پلمونري ??يسي ٽيشن (پي سي آر) ۽ شر??عا??ي طبي امداد جي تربيت يقيني بڻائين ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ ۽ حادثاتي صورتحال ۾ قيمتي جانين کي بچائي سگهجي، عورتن جو معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان معاشي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري ??يندي، معاشري ۽ رياست جي ذميواري ??هي ته عورتن کي عملي زن??گي ۾ هراسمينٽ کان محفوظ بڻائين. هو گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن هيڊڪوارٽرز ۾ 12 هين آل پاڪستان ڪئمپ جي پڄاڻي واري ??قريب کي خطاب ڪري ??هيو هو. ڪئمپ ۾ شريڪ ٻارڙين ملي نغمو ۽ تربيتي عمل تي ٻڌل ٽيبلو پڻ پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته آئون گرلز گائيڊ کي مخاطب آهيان. شاگردي واري ??ور ۾ به بوائز اسڪائوٽس جو حصو رهيس، ان ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ، ڪيمپنگ، گڏجي رهڻ سميت ٻين بنيا??ي شين، پي سي آر ۽ شر??عا??ي طبي سکي ۽ پنهنجي عملي زن??گي ۾ ان جو استعمال پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنهن اهڙي جڳهه تي جڏهن ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي يا هارٽ اٽيڪ جي صورتحال هجي ته ان وقت فوري ??ور تي حياتي بچائڻ جي لاءِ ڪارڊيڪ پلمونري ??يسي ٽيشن (پي سي آر) ئي واحد حل هو??دو آهي، سمورن امدادي ادارن جي ذميواري ??هي ته اهي ان عمل ۽ شر??عا??ي طبي امداد جي تربيت ڏين ۽ اهو سکڻ کانپوءِ اڳتي ماڻهن کي ان جي تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي، جڏهن معاشرو زن??گي بچائڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو ئي معاشرو ترقي جون منزلو طئي پڻ ڪري ٿو. هن چيو ته سٺي صحت ۾ ڏندن جي صفائي پڻ تمام ضروري ??هي، جيڪڏهن معمول سان ڏندن جي صفائي ٿئي ته 85 سيڪڙو ڏندن جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. حضور نبي ڪريم ﷺ جي ڏندن جي صفائي جي حوالي سان 123 حديثون آهن. حضور ﷺ پاڻي کي به احتياط سان استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن درياءَ ۾ به وضو ڪري ??هيا آهيو ته پاڻي جو گهٽ استعمال ڪريو. صدر عورتن تي زور ڏنو ته اهي هر مهيني ۾ چار کان پنج منٽ لڳائي پنهنجو معائنو ڪن جيڪڏهن ڇاتيءَ تي ڳوڙهي آهي ته اهي فوري ??ور تي ڊاڪٽرن سان رجوع ڪن، ان بيماري ??و علاج تمام مهانگو آهي تنهن ڪري ??حتياط ڪري ??ن بيماري کان بچي سگهجي ٿو. ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ٽئين ۽ چوٿين مرحلي تي موت جي شرح 50 سيڪڙو تائين آهي اهڙي طرح دماغي صحت تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، مختلف عملن جي ڪري ??هني بيماريون پڻ وڌي رهيون آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت خاندان جي اينڪر هوندي آهي، اسان جي ملڪ جو خاندان اڃا به مضبوط آهي، عورتون معاشي سرگرمين ۾ به اڳتي اچي رهيون آهن جيڪا خوش آئنده آهي. هن چيو ته غزه ۾ 40 سيڪڙو ٻار آهن، انهن ٻارن کي به ياد رکڻ گهرجي، اتي اسرائيلي فوج ٻارن کي به نشانو بڻائي رهي آهي، انهن ٻارن سميت پنهنجي ڀرپاسي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان همدرديءَ لازمي آهي. گرلز اسڪائوٽس ڪمشنر ماريه صابري گرلز اسڪائوٽس جي قيام دوران ڪئمپ سرگرمين ۽ ٻين معاملن تي روشني وڌي.