اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اڄ هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو، لي ڪي چيانگ ??اڪ چين اقتصادي ۽ اس??ري??جڪ لاڳاپن جو وڏو حامي هو، لي ڪي چيانگ ??ڪ ويزنري اڳواڻ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مون کي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي انتهائي افسوس ٿيو، پاڪستاني عوام پاران لي ڪي چيانگ جي خاندان، چيني عوام ۽ قيادت سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته مارچ 2020ع ۾ چين جي پنهنجي يڪجهتي جي دو??ي دوران مون کي بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ساڻس ملڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، مون لي ڪي چيانگ کي هڪ مخلص دوست ۽ اسان جي سدابهار دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرجوش ڏٺو.