راولپنڊي-13 نومبر (ا?? پي پي) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن سان چڪرين ۾ هڪ دهشتگرد م??رج?? ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿ?? پيا. ??ءِ ايس پي آر مطابق 12 ۽ 13 نومبر جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي جي علائقي ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بنايو ويو. جنهن جي نت??جي ۾ هڪ دهشتگرد م??رج?? ويو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي عبدالله (عمر 25 سال، رهائشي مردان)، سپاهي محمد سهيل (عمر 19 سال، رهائشي ٿرپارڪر) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. ??ءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ا??ان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.