اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ اربع ڏينهن پشاور ۾ ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشنز آف نارٿ آمريڪا جي حصيداري سان منعقد ٿيندڙ 46 هين ونٽر خيبر ميڊيڪل ڪاليج ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته ان کانسواءِ هُو غلام اسحاق خان انسٽي??يو?? آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽ??ڪنالاجي، ٽوپي جو دورو ڪندو، جتي هو تقريب کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انسٽي??يو?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هڪ انٽرايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم غلام اسحاق خان انسٽي??يو?? جي گرلز هاسٽل جو افتتاح پڻ ڪندو.