اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??اڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چون??ون ٿ??ون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چون??ون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن اچڻ معم??ل جو حصو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??گران ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ مسلسل اليڪشن ڪميشن سان رابطي ۾ آهيون، اليڪشن ڪيمشن سان روزاني جي بنياد تي رابطو ٿئي ٿو، اليڪشن ڪميشن اچڻ معم??ل جي رابطي جو حصو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??نهنجي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ڪا ملاقات ناهي ٿي. سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ??اڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چون??ون ٿ??ون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري آڻينداسين، چون??ون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ فارن ميڊيا جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها معلومات پرڏيهي وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فراهم ڪندا. سياسي پارٽين جي سرگرمين جي شروعات بابت سوال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اميدوارن جي اعلان کانپوءِ چونڊ سرگرمين جي باقاعده شروعات ٿيندي، سمور??ون پارٽ??ون پنهنجي چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪري ره??ون آهن، 15 جنوري کان مسلم ليگ (ن) به جلسن جو اعلان ڪيو آهي، ان کانپوءِ چونڊ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ فني خرابي بابت سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته ??گران حڪومت کان اڳ ۾ به اهڙا فني مسئلا ايندا رهيا آهن، تازو ئي انٽرنيٽ جي خرابي جو سبب فني مسئلو هو، ان جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي، ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل پي ٽي اي کان معلومات ڪري سگهجن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهرو وزارت جو قلمدان نگران وزيراعظم وٽ آهي، رولز آف بزنس تحت جڏهن ڪو وزير ناهي هوندو ته ??اڳاپيل وزارت وزيراعظم وٽ هوندي آهي.