پاڪستان سنگاپور سان ٻطرفي ۽ آسيان جي ڏس ۾ لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

image

اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان سنگاپور سان ٻطرفي ۽ آسيان جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سنگاپور ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي، پاڪستان آسيان جو سڀ کان پراڻو سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر آهي ۽ هو آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊالر جي آمدني متوقع آهي، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير سنگاپور جي دوري جي موقعي تي اسٽريٽس ٽائيمز کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته سنگاپور جي آزادي جي فوري پوءِ پاڪستان ان کي تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني ڪميونٽي شروعاتي سالن ۾ سنگاپور جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ماضي ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ڪئي آهي، سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪوان يو 1988ع ۽ 1992ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان سنگاپور جو دورو ڪيو. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار وڃائي ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پاڪستان ۽ سنگاپور جي ٻطرفن لاڳاپن جي بحالي ۽ ٻطرفي مٽاسٽا کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪري رهيو آهي، پاڪستان سنگاپور سان گڏيل لاڳاپن کي سمورن رخن ۾ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند اهي، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ نوجوان سياسي اڳواڻ طور آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته دنيا کي پاڪستان بابت پراڻي دقيانوسي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن جن جي لاءِ پهريون قدم پاڪستان جي خلاف ٽريول ايڊوائيزري کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دنيا کي هڪ اميد ڀريل اڀرندڙ مارڪيٽ طور تي اسان کي وڌيڪ معروضي طور تي ڏسڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي 220 ملين آبادي مان 114 ملين آبادي 25 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 2021ع ۾ پاڪستان اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته جرمن ريسرچ فرم سنيسڪا موجب پاڪستان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊلر جي آمدني متوقع آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي فري لانسرز آءِ ٽي، ٽيڪام، اي ڪامرس، ڊيٽا ايناليٽڪس، مالياتي خدمتن، موسيقي ۽ صحت ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں