قوم هڪ سال ۾ تعمير ۽ تخريب جا ٻه مائنڊ سيٽ ڏٺا، تعميري ذهن قوم جي خدمت ڪئي جڏهن ته تخريبي ذهن 9 مئي تي تباهي ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف هڪ سال دوران معاشي استحڪام آندو جنهن جو نتيجو عوامي ريليف جي صورت ۾ نظر اچي رهيو آهي: وفاقي وزير مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قوم هڪ سال ۾ تعمير ۽ تخريب جا ٻه مائنڊ سيٽ ڏٺا، تعميري ذهن قوم جي خدمت ڪئي جڏهن ته تخريبي ذهن 9 مئي تي تباهي ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف هڪ سال دوران معاشي استحڪام آندو جنهن جو نتيجو عوامي ريليف جي صورت ۾ نظر اچي رهيو آهي، ٻئي طرف هڪ سال ۾ نفرت، انتشار، فساد ۽ هٿياربند جٿن جي تربيت ڪئي وئي جنهن جو نتيجو 9 مئي جو سانحو آهي، معيشت سوئچ آن يا آف بٽڻ نه آهي، ان جي لاءِ مسلسل محنت جي ضرورت هوندي آهي، موجوده حڪومت هڪ سال ۾ 15.3 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض ۽ 3513 ارب رپين جا اندروني قرض ادا ڪيا، ڊالر جي قيمت ۾ 27 رپين جي رڪارڊ گهٽتائي تعميري ذهن جي محنت ۽ معاشي بهتري جي قدمن جو نتيجو آهي، هن سال 2 ڪروڙ 72 لک ٽن ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي، 15 ڏينهن ۾ پيٽرول 20 رپيا ۽ ڊيزل 35 رپيا سستو ٿيو، هڪ لک نوجوانن کي هنرمند بڻايو پيو وڃي، هڪ لک ليپ ٽاپ ڏنا ويندا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح پاڪستان جي اندر سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻڻ آهي، بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ جڏهن اتحادي حڪومت اقتدار سنڀاليو ته اسان کي گذريل حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي جو شڪار معاشي بدحالي ورثي ۾ ملي، گذريل حڪومت معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري وئي هئي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي ٻڌل پروگرام تي صحيحون ڪيون، پوءِ ان پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پروگرام کي معطل ڪيو، اسان مشڪل معاشي صورتحال ۾ معيشت کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم اف سان ان معطل ٿيل پروگرام تي ڳالهه ٻولهه جي ٻيهر شروعات ڪئي. هن چيو ته معيشت جو تعلق سياسي استحڪام سان ڳنڍيل هوندو آهي. اڳوڻي دور ۾ نالائقن ۽ نااهلن معيشت جي بنيادن ۾ بارودي سرنگهون وڇايون، ورثي ۾ مليل بدحال معيشت کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم ملڪي ترقي جي جنهن پروگرام جي شروعات ڪئي ان ۾ جڏهن جڏهن بهتري اچڻ شروع ٿي ته هي ماڻهو ان تي حملي آور ٿيا، انهن 25 مئي تي لانگ مارچ ڪيو، جوڊيشل ڪمپليڪس تي حملو ڪيو، 9 مئي تي رياستي ۽ عسڪري ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ڇو ته اهي نه چاهيندا هئا ته ملڪ جي معيشت ترقي ڪري ۽ ماڻهن کي ريليف ملي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام هڪ سال ۾ تعمير ۽ تخريب جا ٻه مائنڊ سيٽ ڏٺا آهن، هڪ طرف تباهه حال معيشت کي صحيح ڪرڻ، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي، ٻئي طرف فساد، نفرت، انتشار پکيڙيو ويندو رهيو، ان جو نتيجو 9 مئي تي پوري دنيا ڏٺو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، ملڪ جي اندر سياسي غيريقيني جي صورتحال ختم ٿيڻ کانپوءِ معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ گمراهي جو سحر به مٽجندو نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي هڪ سالا پاليسين ۽ ترجيحن جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اڄ پيٽرول، ڊالر ۽ ايل پي جي جي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي. ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گهريلو صارفين جي لاءِ ايل پي جي جو سيلنڊر 2759 رپين مان گهٽ ٿي 2321 رپيا ٿي ويو آهي، ان ۾ 438 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي. اهڙي طرح ڪمرشل ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 1686 رپين جي گهٽتائي ٿي، 10619 رپين وارو ڪمرشل ايل پي جي سيلنڊر 8933 رپين جو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ 60 کان 70 رپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي آهي، اٽي ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ به 35 رپين کان 40 رپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته 15 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 20 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 35 رپيا گهٽتائي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صحيح پاليسي قدمن جي ڪري انهن شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، شهباز شريف ٻوڏ کان فوري پوءِ پاليسي قدم کنيا، ان کي خبر هئي ته انهن شين جي کوٽ ٿيندي، ٻوڏ جي ڪري فصلن جي واڍيءَ تي پڻ اثر پئجي رهيا هئا پر حڪومت اهڙا تاريخي قدم کنيا جن جي ڪري اڄ ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي. هن سال 2 ڪروڙ 72 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي جيڪا گذريل 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته آبادگارن کي 1800 ارب جو تاريخي پئڪيج ڏنو ويو آهي جنهن جو نتيجو اڄ پاڪستان جي عوام کي ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اندر نظر اچي رهيو آهي. زرعي شعبي جي لاءِ بجلي جي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، سمورن ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ بنا وياج قرض ڏنا ويا، اوزارن ۽ مشينري جي خريداري جي لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏنا ويا، ڊي اي پي جي ٻوري ۾ 2500 رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي، انهن سمورن قدمن جي ڪري اڄ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ملڪ معاشي ترقي طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ايگريڪلچر پاليسي انسٽيٽيوٽ کي ٻيهر فعال ڪيو ويندو، نيشنل آئل سيڊ پاليسي تحت پاڪستان جي اندر ٻجن تي ريسرچ ڪئي ويندي، مفت ٻج ۽ ڀاڻ جو پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 27 رپين جي رڪارڊ گهٽتائي ٿي. وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو ڇڏي وئي هئي، اسان ٻوڏ ۽ خراب معاشي صورتحال جي باوجود ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو. هن چيو ته وزيراعظم ڊسٽرڪٽ ايدمنسٽريشنز کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ڊالر ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سڌوسنئون فائدو عوام کي منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم پاڻ ان عمل جي سڌوسنئون نگراني ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم بجيٽ جي حوالي سان مشاورتي اجلاسن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ هن گذريل ڏينهن زراعت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم ٻه ذيلي ڪميٽيون جوڙيون آهن جيڪي معياري ٻج جي فراهمي، جديد مشنري ۽ اوزارن جي درآمد ۽ انهن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جون به ذميوار هونديون. وزيراعظم زرعي ٽيوب ويلز کي مڪمل طور تي سولر تي منتقل ڪرڻ ۽ زراعت جي حوالي سان قدمن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم آبادگارن جي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪڻڪ ۽ ڪمند جي بهترين امدادي قيمت کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ٻئي ڪميٽيون ٽن ڏينهن جي اندر وزيراعظم کي پنهنجو پلان پيش ڪنديون. هن چيو ته وزيراعظم ڪوڪنگ آئل جي پيداوار جي لاءِ آئل سيڊ پاليسي تي ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي جنهن تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڀاڻ ۽ معياري ٻج جي وقت سر فراهمي سان هن سال ڪڻڪ جي بمپر فصل ٿي آهي، 10 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي، ان جو اثر ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ نواز شريف جي يوٿ پروگرام جو نالو بدلايو ويو، سي پيڪ پروگرام کي بند ڪيو ويو، نالا ۽ تختيون بدلائڻ سان چهرا ناهن بدلجي ويندا. هن چيو ته 2013ع ۾ به اسان کي ڪمزور معيشت ورثي ۾ ملي، اسان تڏهن به معيشت کي صحيح ڪيو، دهشتگردي ختم ڪئي، لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو. هن چيو ته نواز شريف ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪري ويو، 14000 ميگاواٽ بجلي ٺاهي، رستا ۽ موٽرويز ٺاهيا، اسان اها پارٽي آهيون جيڪا ملڪ کي ترقي ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اسان اڄ به چاهيون ٿا ته اٽو 35 رپيا ڪلو ۽ کنڊ 52 رپيا ڪلو هجي، سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم ٿئي، نوجوانن کي روزگار ملي، هي ملڪ 6.2 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري ۽ اسان اهو ڪري ڏيکارينداسين. هن چيو ته 2018ع ۾ نواز شريف کي ڪوڙي ۽ فراڊ ڪيس ۾ ڪڍيو ويو جنهن جو خميازو اڄ تائين عوام ڀوڳي رهي آهي. 2018ع ۾ جڏهن هي ملڪ نالائقن ۽ نااهلن جي حوالي ڪيو ويو ته انهن جو مقصد ملڪ جي ترقي نه هو پر ملڪ ۾ انتشار، فساد ۽ نوجوانن جي ذهن سازي ڪري انهن کي فساد ۽ نفرت جو حصو بڻائڻ هو. هن چيو ته هي چونڊون گهري رهيا آهن؟ انهن 10 سالن تائين خيبرپختونخواهه جي معيشت کي تباهه ڪيو، اتان جي نوجوانن جو ڪاروبار تباهه ڪيو ويو، انهن جي ذهنن کي تباهه ڪيو، خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي آندي، احتساب جي عمل کي متاثر ڪيو ويو. وفاق جي اندر معيشت سان ڪڌي راند کيڏي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ سياست ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، 9 مئي جهڙي سانحي تي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته چار سالن تائين اپوزيشن کان سياسي انتقام ورتو ويو، انهن چار سالن ۾ 2013ع کان 2018ع تائين ٿيندڙ ترقي ختم ڪئي، انهن 75 سالا تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا، انهن جا ورتل قرض اسان واپس ڪري رهيا آهيون. هڪ سال ۾ اسان 15.3 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض واپس ڪري چڪا آهيون، اهڙي طرح 3513 ارب رپين جا اندروني قرض اسان واپس ڪيا آهن. هن چيو ته مهانگائي ضرور آهي پر معاشي انڊيڪيٽرز سوئچ آف ۽ سوئچ آن بٽڻ ناهن هوندا، اسان معيشت کي بهتر ڪرڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻينداسين، اسان سياسي قيمت ڏئي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو آهي، اسان جي انا هن ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي کان وڌيڪ نه آهي. سياسي استحڪام ٿيندو ته معاشي استحڪام ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته معاشي ترقي جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪوڪنگ آئل، ايل پي جي، اٽي، ڪڻڪ جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، ڊالر ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ٿيندڙ گهٽتائي جو سڌوسنئون فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان پنهنجي گذريل دور ۾ به ترقي جي شرح 6.2 سيڪڙو تي کڻي ويا هئاسين پر ان ۾ 5 سالن جو وقت لڳو هو. اسان معاشي استحڪام طرف وڌي رهيا آهيون، عوام کي ريليف به ڏينداسين. هڪ صحافي جي سوال ته ”10 سالن ۾ پهرين پريس ڪانفرنس آهي جنهن ۾ عمران خان جو نالو نه ورتو ويو“ جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پريس ڪانفرنس ملڪ جي ترقي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ معاشي ۽ سياسي استحڪام بابت هئي، معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڳالهه جتي اچي ته اتي ان جو نالو نه ٿو وٺي سگهجي، رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جو نالو وٺي سگهجي ٿو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي نيت ۽ مقصد واضح آهي، اسان چاهيون ٿا ته عوام کي رڳو خوشخبريون ئي ٻڌايون، اسان جو مقصد تباهي جي پوکيل ٻجن کي محبت جي ٻجن سان بدلائڻو آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي اندر جمهوريت پروان چڙهي رهي آهي، ان جو سڄو دارومدار اليڪشن تي هوندو آهي، جمهوري راءِ سان حڪومتون ٺهنديون ۽ ختم ٿينديون آهن. هن چيو ته 2018ع کان 2022ع تائين جيڪا صورتحال پاڪستان ۾ رهي، ان جا نتيجا پاڪستان جي عوام جي سامهون آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيل هوندو آهي، ان جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته عوام کي سڌوسنئون ريليف ملي سگهي ۽ اسان جو مقصد به اهو ئي آهي جيڪو پورو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جناح هائوس تي حملو ڪندڙ اٽڪل 458 ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي آهي جن مان 11 ماڻهن جا ٽرائل اڳ ۾ ئي قائم ملٽري ڪورٽس ۾ جڏهن ته 150 ماڻهن جا ٽرائل سويلين ڪورٽس ۾ ٿي رهيا آهن. 360 جي لڳ ڀڳ عورتن جي به سڃاڻپ ٿي آهي. هن وقت 16 عورتون گرفتار آهن، اڊيالا جيل ۾ رڳو هڪ عورت گرفتار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل هڪ سال دوران حڪومتي قدمن جي ڪري پاڪستان جي ميڊيا جي آزادي جي درجابندي ۾ بهتري آئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں