پي ايس ڊي پي تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪلائوڊ تي ٻڌل سهولتن جي فراهمي لاءِ ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ جي منصوبي لاءِ 33 ڪروڙ 70 لک 60 هزار رپيا مختص

image

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪلائوڊ تي ٻڌل سهولتن جي فراهمي لاءِ ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ جي منصوبي لاءِ 33 ڪروڙ 70 لک 60 هزار رپيا رکيا آهن. ان منصوبي کي مجموعي طور تي 88 ڪروڙ 50 لک رپين ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ان منصوبي جي منظوري 29 مئي 2020ع تي ڏني وئي هئي.

مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں