اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي لاءِ مجموعي طور تي 2709 ارب رپيا رکيا ويا آهن، مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي ترقياتي منصوبن تي 1150 ارب جڏهن ته صوبائي ترقياتي پروگرامن جي لاءِ 1559 ارب رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز آهي. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ حڪومت ايوي ايشن ڊويزن جي لاءِ 5 ارب 45 ڪروڙ، سيڙپڪاري بورڊ جي لاءِ هڪ ارب 11 ڪروڙ، ڪيبنيٽ ڊويزن جي لاءِ 90 ارب 12 ڪروڙ، موسمياتي تبديلي ڊويزن جي لاءِ 4 ارب 5 ڪروڙ، ڪامرس ڊويزن جي لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ، ڪميونيڪشن جي لاءِ 36 ڪروڙ، ڊفينس ڊويزن جي لاءِ 3 ارب 40 ڪروڙ، ڊفينس پروڊڪشن ڊويزن جي لاءِ 2 ارب، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي لاءِ 80 ڪروڙ، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري ڊويزن جي لاءِ 8 ارب 50 ڪروڙ، فنانس ڊويزن جي لاءِ 3 ارب 22 ڪروڙ، صوبن ۽ اسپيشل ايرياز جي لاءِ هڪ کرب 67 ارب 90 ڪروڙ، اسپيشل ايريا اي جي ڪي گلگت بلتستان جي لاءِ 60 ارب 90 ڪروڙ، ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 57 ارب، صوبائي منصوبن جي لاءِ 50 ارب، هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ 59 ارب 70 ڪروڙ، هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي لاءِ 40 ارب 68 ڪروڙ، انساني حقن جي لاءِ 81 ڪروڙ، صنعت ۽ پيداوار ڊويزن جي لاءِ 3 ارب، انفارميشن براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن جي لاءِ 2 ارب، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪام ڊويزن جي لاءِ 6 ارب، بين الصوبائي رابطا ڊويزن جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ، لاجسٽڪس ڊويزن جي لاءِ هڪ ارب 40 ڪروڙ، ميري ٽائيم افيئرز ڊويزن جي لاءِ 3 ارب 30 ڪروڙ، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جي لاءِ 15 ڪروڙ، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ڊويزن جي لاءِ 8 ارب 85 ڪروڙ، ملڪ ۾ صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ جي لاءِ 13 ارب 10 ڪروڙ، قومي تاريخ ورثي ڊويزن جي لاءِ 54 ڪروڙ، پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي لاءِ 26 ارب، 10 ڪروڙ، پاڪستان نيوڪليئر اٿارٽي جي لاءِ 15 ڪروڙ، پيٽروليم ڊويزن جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ، پلاننگ ڪميشن جي لاءِ 24 ارب 89 ڪروڙ، غربت جي خاتمي واري ڊويزن جي لاءِ 50 ڪروڙ، ريلويز ڊويزن جي لاءِ 33 ارب رپيا، مذهبي معاملن واري ڊويزن جي لاءِ 80 ڪروڙ، روينيو ڊويزن جي لاءِ 3 ارب 20 ڪروڙ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن جي لاءِ 8 ارب، رياستي ۽ سرحدي معاملن واري ڊويزن جي لاءِ 96 ڪروڙ، اسپارڪو جي لاءِ 6 ارب 90 ڪروڙ، واٽر ريسورس ڊويزن جي لاءِ هڪ کرب 75 ارب، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاءِ هڪ کرب 57 ارب 50 ڪروڙ، پاور ڊويزن جي لاءِ 54 ارب 55 ڪروڙ، پرائيم منسٽر انيشي ايٽو جي لاءِ 80 ارب، منصوبن جي رهتن جي لاءِ 5 ارب، وي جي ايف فار پي پي پي پراجيڪٽ جي لاءِ 20 ارب، صوبن جي لاءِ 1559 ارب رپين جا فنڊز تجويز ڪيا ويا آهن.