ا??لا?? آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم ??هن?? ٻنهي ملڪن جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ ڳنڍيل ??هن?? عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موق?? رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ڊرامي، فلم، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊرامن جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿيو ۽ اف??انستان جي صورتحال ۽ وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موق?? رهيو آهي، اف??انستان ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ اف??ان عوام کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته اف??ان عوام جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري دوران اف??انستان جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مصر جي سفير چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جا ٿورا مڃيا.