اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر ??هي?? اها ڳالهه هن پا??ست??ن ۾ مقرر مصري س??ير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي جي قابل قيادت ۾ سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن ??هي?? ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ڀائر ملڪن جي و?? ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي دوري دوران صدر السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪري سان تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پا??ست??ن مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري جي پا??ست??ن جي دوري ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي جلد انعقاد جو منتظر آهي. مصري س??ير پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پا??ست??ن ۽ مصر جي و?? ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.