اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان مل?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا خاند??ني منصوبابندي تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ميڊيا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سير??لز ۾ آبادي جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آبادي جي مناسب انتظام جي لاءِ پارليام??ني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن چيو ته عوامي آگاهي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي تي پارليام??ني ڪاڪس جي ڪارروائي کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي مل?? ۾ آبادي جي ڳڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪري. هن چيو ته خاند??ني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ضرورت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسم??ني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، آبادي ۾ اضافي سان نئين نسل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏي??و پئجي سگهي ٿو.