اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي خوشي جي م??قعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آئون الله تعاليٰ کان دعاگو آهيان ته هو اسان جي عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، ه?? ڏينهن جتي پنهنجن سان ايثار ۽ محبت جو ڏينهن آهي اتي ضرورتمندن ۽ مستحق ماڻهن جي دل کٽڻ ۽ انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ جو به ڏينهن آهي، پاڪستاني قوم کي ڪور??نا وبا جي نازڪ صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي اتحاد ۽ احتياط تي عمل ڪرڻو پوندو. عيدالفطر جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ ص??ر چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن مسلمانن جي لاءِ رڳو هڪ تهوار کان وڌيڪ ان محنت، رياضت، صب?? ۽ همدردي جو انعام آهي جيڪو رمضان المبارڪ جي م??يني ۾ انجام ڏنو وڃي ٿو.