اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري وارو حق حاصل ٿيڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو ن??ٽيس ??ٺي?? ڄمون قتل عام جي ڏينهن جي موقعي تي ??نهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 6 نومبر ڄمون ۽ ڪسمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن سال پهرين، راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي حامي ڊوگره فوج ۽ ڀارتي ??ابض فوج جنگ عظيم کانپوءِ پهرين وڏي نسل ڪشي ۾ ان خطي جي مسلمان آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي غرض سان منظم طريقي سان 237000 کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو هو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ يڪطرفو قدم به ڄمون جي قتل عام جو افسوسناڪ تسلسل آهي، ڇو ته ان جو مقصد به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??ار??ان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سراسري خلاف ورزي آهي،