لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي و??ير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏ??ڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه محمود قريشي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي وڏي و??ير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن ??ي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري ??کيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏ??ڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏ??ڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.