لاهور – 17 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هڪ مهذب ملڪ آهي، قوم کي جنهن نئين پاڪستان جي نويد ٻڌائي وئي هئي هاڻي اهو ٺهندي نظر اچي ??هي?? آهي، هر شيءَ ??ولهه کان سکڻ جي ضرورت نه آهي، اسلام ۾ ز??دگ?? جا سڀئي سنهري اصول موجود آهن، سڀئي شاگرد مبارڪباد جا مستحق آهن، توهان جيڪي ڊزائينگ جا هنر سکيا ان جي گهرج سڄي دنيا ۾ آهي ان اداري جو مقصد پاڪستان جي شين جي ويليو ايڊيشن ڪرائڻ آهي، ڪنهن شيءَ کي خوبصورت رنگ ۾ وجهڻ، آئيڊياز ڏيڻ ۽ سٺي طريقي سان وڪرو ڪرڻ اهو هنر آهي، ڪووڊ – 19 ۾ دنيا سمجهندي هئي ته پاڪستان ۾ ان بيماري جي پکيڙ سڀ کان وڌيڪ هوندي، ا??له جو شڪر آهي جو پاڪستاني عوام احتياطي تدبيرن ۽ حڪومتي حڪمت عملي جي ڪري ان بيماري تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، هو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائينگ ۽ ڊزائين جي ٽئين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري ??هي?? هو.