اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان قو??ي اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪميٽي جي ميمبر نورين فاروق ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? چيئرمين ملڪ محمد احسان الله ٽوانه، ڄمون ڪشمير خودمختياري موومينٽ ج?? چيئرمين راجا رجاوت ۽ ڪشمير ڪائونسل جو ميمبر يونس مير پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آل پارٽيز پارلياماني گروپ قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پارلياماني گروپ ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.