پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوالي سان ملڪ ۾ جاري سانوڻي دو??ان ٻيلن جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دو??ي جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دو??ان ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم جو موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ??اح??ليات ۽ ٻيلن وارو صوبائي وزير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ??اح??ليات ۽ ٻيلن وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزيرا??ظم عمران خان ان موقعي تي سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزيرا??ظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ سانوڻي دو??ان وڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سان موثر مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ علائقن کي ٻ??لن جي دائري ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن جي وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين عام ماڻهو حڪومت جي ڄاڻايل منصوبي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن چيو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن تي خصوصي دستاويزي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سانوڻي دو??ان وڏي پئماني تي ٻ??ٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن چيو ته اها حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين جيڪا پنج سال پهرين بنجر هئي اڄ حڪومتي ڪوششن ۽ جدوجهد سان سرسبز ۽ شاداب بڻائي وئي آهي، هن چيو ته گرين پاڪستان مهم تحت کنيل قدم، ٻيلن جي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين تي وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏيندو. ٻئي پاسي وزيرا??ظم عمران خان کي جاري سانوڻي مند دو??ان وڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي منصوبي جي ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ جلد ئي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دو??ي جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دو??ان کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو دو??و ڪرايو ويندو جتي حڪومتي منصوبي تحت وڻڪاري ڪئي وئي آهي، وزيرا??ظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت لڳايل ٻيلن ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي وئي آهي.