اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري افغانست??ن جي تعمير جي ضرورت آهي، سمورين ذميوار ملڪن کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، ان موقعي جو فائدو حاصل ڪري هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي وڃي جنهن ۾ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان خطي جي حقيقي گنجائش کي ڪتب آڻن ۾ اس??ن جو مددگار ثابت ٿئي. افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ دنيا کي ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. خليج ٽائيم ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي ڏه??ڪن تائين مصائب کان پوءِ افغانستان هڪ تاريخي ٻواٽي تي بيٺل آهي جتي يا ته هو آخرڪار تڪرار ۽ عدم استحڪام جي سلسلي مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو يا وري رياست ناڪامي طرف وڃي سگهي ٿو جنهن سان افغان عوام لاءِ وڌيڪ ناقابل برداشت مسئلا پيدا ٿيندا ۽ خطو متاثر ٿيندو. هن چيو ته افغانست??ن جي صورتحال کان پاڪستان کي پڻ وڏو جاني مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو پر ان باوجود اسان ثابت قدم رهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان اسان ان سان لاتعلق نه رهي سگهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد پاڪستان افغانستان ۾ پنهنجو سف??رتخانو ۽ قونصل خانو کليل رکيو جڏهن ته اس??ن جي قومي اڏام پي آءِ اي سف??رتي مشنز، بين الاقوامي تنظيمن، آءِ اين جي اوز ۽ ميڊيا اهلڪارن جي نيڪالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانست??ن جي بحران ۾ شدت يا ??ن جي تسلس?? ۾ ??اڪست??ن جو ڪو به ڪردار نه رهيو. جيتوڻيڪ اسان هميشه جنگ کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هميشه اسپائلرز تي زور ڏيندو رهيو ته هو افغانستان ۾ استحڪام جي عمل کي روڪڻ کان پاسو ڪن. افغانستان بري طرح مجروح آهي، جنهن کي سرد مهري نه بلڪه مرهم جي ضرورت آهي. سائبر پليٽ فارمز جو غلط استعمال ۽ عوام وچ ۾ تقسيم پيدا ڪرڻ لاءِ بي بنياد الزامن کي هوا ڏئي دنيا کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته بين الاقوامي برادري معاشي ۽ انساني تباهي کان بچڻ ۾ افغانست??ن جي مدد ڪري، ماضي جي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي نه ورجايو وڃي جن افغان معاشري ۾ ڏڦيڙ کي وڌيڪ گهرو ڪيو ۽ فوجي ??ارروائي، بدانتظامي، بدعنواني ۽ مغربي ٽيڪس جي رقم ضايع ڪرڻ سبب صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ڪيو. هن چيو ته افغانست??ن جي نئين نظم و نسق جي حوالي سان اسان اهو چئون ٿا ته حقيقي مفاهمت کي هٿي ڏني وڃي ۽ اهڙو حڪمراني وارو رستو اختيار ڪيو وڃي جنهن کي ڪنهن نسل يا صنف پنهنجي لاءِ خطرو محسوس نه ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان نه صرف امن جي عمل لاءِ سهولتڪاري ڪئي بلڪه افغانست??ن جي باري ۾ علائقائي نقطه نظر جوڙڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسان افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مغربي ملڪن سان گڏوگڏ افغانست??ن جي سمورين ڌرين سان رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بين الاقوامي طاقتن کي زور ڀريو آهي ته هو بين الافغان مفاهمت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ حقيقي ڪوششن تي توجهه ڏين ۽ افغان عوام ڏه??ڪن جي تڪرار کان تنگ اچي چڪو آهي. هن صورتحال سبب افغانستان کان پوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثرٿيندڙ ملڪ آهي، اسان هڪ پرامن 7 خوشحال خطو چاهيون ٿا جيڪو بين الاقوامي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيئي. ان سان اس??ن جو باهمي رابطي جي ايجنڊا جي حاصلات لاءِ پڻ مدد ملندي، جيڪو علائقائي اقتصادي انضمام جو سبب بڻجندو. هن چيو ته افغانست??ن جي فياضانه مدد سان معاشي ۽ پناه گيرن جي بحران کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. ان مرحلي تي مالياتي نقصان عام افغانين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. اسان کي ??ن جو ڳلو دٻائڻ بدران ان ڏانهن مدد جو هٿ وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اچو ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري افغانست??ن جي درد ۽ تڪليف کي گهٽ ڪرڻ جي ??وشش ڪيون. پاڪستان سمورن ذميوار ملڪن تي زور ڀري ٿو ته هو ماضي جي غلطين مان سبق سکن ۽ انهن کي ورجائڻ جي اجازت نه ڏين. اچو اسان ان موقعي مان فائدو حاصل ڪندي هڪ نئين دور جي شروعات ڪيون، جتي هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان خطي جي حقيقي استعداد کي ڪتب آڻڻ ۾ اس??ن جو معاون ثابت ٿئي.