اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ڪشمير ۾ سياحت ج?? فروغ لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا قدم کڻي رهي آهي، واديءَ ۾ سياحت ج?? فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ??ال??ه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ??ال??ائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ??ال??ه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انفراسٽرڪچر، بنيادي صحت ۽ تعليم ۽ ايل او سي ويجهو رهندڙ آبادي جي لاءِ منصوبا شامل آهن.