اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قو??ي آرڪائيوز جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ تحفظ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي جڏهن ته آرڪائيوز جي موثر انتظام جي سلسلي ۾ رهنمائي جي فراهمي جي لاءِ ڪابينا ڊويزن ايڊوائيزري بورڊ جوڙي. هو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته ن??شنل آرڪائيوز بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي لاءِ پي سي ون جي منظوري ڏني وئي آهي. حڪو??تي ۽ تاريخي رڪارڊ جي 40 لک صف??ن کي ڊيجيٽل ۽ 30000 خستا دستاويزن کي محفوظ بڻايو و??ندو. ان موقعي تي صدر هدايت ڪئي ته تاريخي رڪارڊ جي تحفظ جي عمل کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته دستاويز قوم جو قي??تي اثاثو آهن، جن کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گزٽ، مغليه دور جي شاهي حڪمن ۽ آزادي کان اڳ ۽ بعد جا ٻيا اهم دستاويز محفوظ ڪيا وڃن.