اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پا??ست??ن جي اپوزيشن وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ آهي، ڪا هڪ ڊويزن جي پارٽي آهي ته ڪا ٽن ڊويزنن جي، انهن جو نه ڪو ليڊر ۽ نه پروگرام آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته انهن ماڻهن پاران ملڪ جي واحد وفاقي پارٽي جي خلاف تحريڪ خبرن ۾ زندهه رهڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. سندس چوڻ هو ته واحد قومي سياسي پارٽي پا??ست??ن تحريڪ انصاف آهي جنهن جي ايجنڊا قومي ايجنڊا آهي.