اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي ??روگرام ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب جوان پروگرام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ چار ارب رپين جا 4 نوان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل ??هي. پاڪستان جي ??قامي ٽيلنٽ کي عالمي سطح ??ي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ منصوبي جي ??هرين فيز ۾ 12 رانديون بشمول هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ريسلنگ، ويٽ لفٽنگ، اسڪواش، ??ال?? بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل ??هن. مهم ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 کان 25 سالن جي ??وجوانن بشمول عورتن جي لاءِ راندين جا موقعا منعقد ڪيا ويندا. راندين جا اهي مقابلا ملڪ جي سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ هڪ ڪروڙ نوجوانن کي سليڪشن جي عمل مان گذاريو ويندو. راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نوجوانن کي عالمي معيار جي ??يشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.