اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آ??يس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي ٿيندڙ چونڊن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي عالمي ميري ٽائم ٽرانسپورٽيشن بزنس ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم او ڪنوينشن دوران برطانيا، قطر، سعودي عرب، ملائيشيا ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن سان ٿيندڙ سائيڊ لائين ملاقاتن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ح??وم?? جي سي فيئررز جي سهولت لاءِ قدمن، ڪورونا وبا دوران بهتر پاليسين جي ڪري بندرگاهن تي بهتر انتظام ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ جي ويڪسي نيشن م??م بابت مثبت تاثرن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عالمي سامونڊي واپار ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي معاملن واري وزير جي ڪوششن کي سار??هي??.