اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جامع ايگريڪلچر انفارميشن پلان ٺاهيو ۽ ان کي ترجيح بنيادن تي لاڳو ڪري رهي ??هي?? اسان جي حڪومت جو ڌيان برآمدي صنعتن جي قيام لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ??هي?? اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??نج?? صدارت هيٺ ترجيحي شعبن تي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته زراعت جي شعبي جي ميڪانائيزيشن، معياري ٻج جي فراهمي، ??اڻي جو موثر انتظام ۽ لائيو اسٽاڪ فارمنگ ۾ آبادگارن جي مدد ان کي وڌيڪ پيداوار ڏيڻ واري معاشي شعبي ۾ تبديل ڪري رهي ??هي?? ڪسان ڪارڊ متعارف ڪرائڻ، ڀاڻ تي سبسڊي ۽ مال جي نسل جي بهتري سان گڏ حڪومت جو مقصد گذريل سال جي رڪارڊ پيداوار جي مقابلي ۾ هن سال اڃان به وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ ??هي?? هن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ڌيان ڏيڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جي وڌندڙ سيڙپڪاري ان اعتماد جو نتيجو ??هي?? جيڪا حڪومت پن??نج?? موثر پاليسي قدمن سان حاصل ڪيو آهي. اجلاس ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم کي ايگريڪلچر ٽرانسفارنيشن پلان تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معياري ٻج جي فراهمي لاءِ منظوري کانپوءِ فنڊن جي فراهمي جو عمل تيزي سان جاري ??هي?? چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ ۽ جنياتي بهتري لاءِ سيمن جي درآمد جي تي به ڪم تيزي سان جاري ??هي?? مال پاليندڙ ڀاڳين جي مدد لاءِ پنجاب ۾ 9211 سروس بحال ڪئي وئي ??هي?? جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ به جلد بحال ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال ۾ مدد جو منصوبو به تقريبن مڪمل آهي ۽ مشينري ورهائڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، مشينري جي استعمال سان نه رڳو في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر آبادگارن جي في ايڪڙ مجموعي لاڳت ۾ به گهٽتائي ايندي، زرعي مدد لاءِ انفارميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جو نظام به پڄاڻي جي ويجهو آهي جنهن تحت آبادگارن ۾ آگاهي پکيڙي ۾ به مدد مل??دي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ تحقيقي ادارن ۾ تجويز ڪيل سڌارن جو لاڳو به تيزي سان جاري ??هي?? ان ڳالهه لاءِ چين جي ايگريڪلچر ريسرچ اڪيڊمي جي تعاون سان زرعي جدتون متعارف ڪرايون وينديون وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته زرعي تحقيق ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي ۽ درآمدي فصلن جي تعارف ۽ پيداوار تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جهينگي جي فارمنگ لاءِ پنجاب ۽ بلوچسان ۾ هيچريز قائم ڪيون ويون آهن جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ويندو. زيتون جي 20 هزار ايڪڙ تي پوکي لا??ِ ٻوٽن جي درآمد شروع ڪئي وئي ??هي?? وزيراعظم کي يوريا ۽ ڊي اي پي جي ذخيرن اندوزن ۽ ناجائز منافع خورن جي خلاف آپريشن ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بنائڻ ۽ ڀاڻ جو ذخيرو ڪندڙن ۽ اسمگلنگ ۾ مل??ث عنصرن جي خلاف ڪارروائي کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت ننڍا وڏا 21 اڪنامڪ زونز فعال آهن، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي، ڌاٻيجي ۽ بوستان چار وڏا اڪنامڪ زونز آهن، سيڙپڪار بورڊ پاران ون اسٽاپ شاپ ماڊل تيار آهي جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ويندو، ون اسٽاپ شاپ سيڙپڪارن کي بجلي، گئس پاڻي ۽ تعميراتي پرمنٽ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن مان منظورين لاءِ هڪ گڏيل ڪمپلائينس رجيم به بڻايو ويو ??هي?? اجلاس ۾ اين او سي ۽ مپلائنس جي منظوري لاءِ مينيجمينٽ ڪمپنيز جي تجويز به پيش ڪئي وئي، ??زيراعظم قدمن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.