لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته مريءَ ۽ ڀرپاسي مٿئين علائقن ۾ غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو آهي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌ??ڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، ڪيترن ئي ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي??ن، مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار ماڻهن کي مريءَ ۽ مٿئين علائقن جي سفر کان منع ڪندي رهي، وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج متاثر علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ڪيو ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ک?? خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ هفتي کان مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار چوندي رهي ته مريءَ ۽ مٿئين علائقن ۾ موسمي صورتحال خراب آهي، ماڻهو سفر کان پاسو ڪن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سخت برفباري جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌ??ڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، انهن علائقن ۾ ماڻهن جون جانيون به ضايع ٿيون. جاني نقصان تي پوري پاڪستان جا ماڻهو ڏکويل آهن. ه?? چيو ته وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس وٺندي پنجاب جي وڏي وزير کي مريءَ پهچڻ جي هدايت ڪئي، پنجاب جو وڏو وزير مريءَ روانو ٿي ويو آهي. ه?? چيو ته انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج مريءَ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ٿي ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري آهي. ه?? چيو ته نٿيا گلي طرف خيبرپختونخواهه حڪومت به سمورا رستا کولي ڇڏيا آهن، پنجاب حڪومت به متاثر ماڻهن جي لاءِ سمورا گيسٽ هائوس ک??لي ڇڏيا آهن. چوڌري فواد حسي?? چيو ته مختصر وقت ۾ وڌ??ڪ ماڻهو انهن علائقن طرف ويندا ته مسئلا پيدا ٿيندا، ڪنهن به انتظاميا جي لاءِ اهڙي اوچتو صورتحال کي هينڊل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. ه?? چيو ته ميڊيا مضبوط فورم آهي، ميڊيا ماڻهن کي مٿئين علائقن جي صورتحال کان آگاهه ڪري، هن وقت سمورن مٿئين علائقن ۾ تمام گهڻي رش آهي، اتي وڌ??ڪ ماڻهن جي گنجائش نه آهي. هڪ سوال تي ه?? چيو ته پي ٽي آءِ جو ميمبر صداقت علي عباسي هن وقت مريءَ ۾ موجود آهي. ه?? چيو ته حڪومت پوري طرح الرٽ آهي، اسان ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون. ه?? چيو ته مريءَ ۽ مٿئين علائقن ۾ گاڏيون هفتن يا مهينن ۾ داخل ناهن ٿي??ن، 24 ڪلاڪن ۾ ايتري وڏي انگ ۾ گاڏيون داخل ٿي??ن، انتظاميا هنگامي قدم کنيو ۽ وڌ??ڪ گاڏين جي داخلا بند ڪئي. چوڌري فواد حسي?? چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي ته اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ٿئي، اسان کي ان معاملي مان سکي اڳتي وڌڻو پوندو.