اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي بالادستي حڪوم?? جي اولين ترجيحن ?? شامل آهي، حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انصاف جي فوجداري نظام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، جنهن سان حڪوم?? جي قانون جي بالادستي جي منشور کي عملي جامعو پارائي سگهبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪوم?? جي انصاف جي فوجداري نظام ۾ سڌارن تي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قانون جي بالادستي حڪوم?? جي اولين ترجيحن ?? شامل آهي، وقت سان گڏوگڏ فوجداري نظام ۾ انتهائي اهم تبديليون نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ قانون ۾ فرق وڌندو ويو. هن چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوجداري نظام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، سڌارن کي لاڳو ڪرڻ سان حڪوم?? جي قانون جي بالادستي جي منشور کي عملي جامعو پارائي سگهبو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي حڪوم?? جي ملڪ ۾ انصاف جي فوجداري نظام ۾ سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت مل?? جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان نظام ۾ وڏيون تبديليون آڻي رهي آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي اتفاق راءِ سان فيصلاسازي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ قانون ۾ تبديلي جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو بيسٽ پريڪٽسس کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي. نئين نظام ۾ ايف آءِ آر جي ڊيجيٽلائي??يش??، ٽرائل جي طريقيڪار، اپيل، اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ذريعن سان ثبوت گڏ ڪرڻ، فوجداري نظام ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ جديد اوزارن جو استعمال، پلي بارگين جي طريقيڪار ۾ تبديلي، وڊيو کي ثبوت طور استعمال ڪرڻ شامل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فوجداري قانون ۾ نيون ڏوهاري شقون تجويز ڪيون ويون آهن جن ۾ عورتن جي تحفظ جا قانون جهڙوڪ Stalking of Women Offence پڻ شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي پي سي ۽ سي آر پي سي ۾ ترميمون پڻ انهن سڌارن جو حصو آهن. تجويز ڪيل ترميمن جو بل جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري کانپوءِ نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام ۾ بهتري ايندي پر اهڙا ڏوهاري ماڻهو جيڪي جدت اچڻ کانپوءِ پراڻي نظام ۾ سزائون نه هجڻ جي ڪري قانون جي پڪڙ کان ٻاهر هئا انهن جي خلاف به موثر ??ارروائي ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ قانون واري وزار?? جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ قانوني ماهرن جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سڌارن کي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، قانون واري وزار?? جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ قانون واري وزار?? جي صلاحڪارن شرڪت ڪئي.