اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??ور مقدم قتل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار کي مثالي سزا مل?? خوش آئنده آهي، اهو فيصلو اهڙن درندن ڏوهارين جي لاءِ عبرت جو نشان ثابت ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ جي ٻ??ن عدالتن ۾ به اهڙي نوعيت جي ڪيسز جو تيز ترين ٽرائل ٿيڻ گهرجي ته جيئن ذميوار ڪيفر ڪردار تائين پهچي سگهن.