اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي سان آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو اهم ملڪ سمجهي ٿو. شاهه ??حمود قريشي چيو ته دوري سان ٻط??في لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ۾ مدد ملندي. مخدوم شاهه ??حمود قريشي چيو ته تازو ئي وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر سان ڳالهه ??ولهه ڪئي ۽ ٻط??في لاڳاپن جي مختلف رخ?? تي گفتگو ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٻط??في واپار ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن، آسٽريا جي ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جا بهترين موقعا موجود آهن، سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز، آسٽريا جي سيڙ??ڪا??ن جي لاءِ پرڪشس مراعتن ۽ ٽيڪس جي چوٽ جي پيش نظر سيڙ??ڪا??ي جا پُرڪشش موقعا موجود آهن. شاهه ??حمود قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسٽريا هن سال جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي چوٿين ٻه ساله جائزي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي شعبن ۾ مضبوط رابطا موجود آهن.