اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اور??ج لائين ميٽرو بس سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ کي به ڳنڍيو وڃي، پشاور موڙ کان اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو روٽ کي ڳنڍڻ جي لاءِ فيض اح??د فيض اسٽيشن تي جنڪشن سومر تائين تيار ۽ ??ئي?? روٽ سان ڳنڍجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پاران افتتاح کانپوءِ في الحال اوري??ج لائين ميٽرو پشاور موڙ تي اين ايڇ اي اسٽيشن کان ايئرپورٽ تائين فعال آهي. وزيراعظم سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو اور??ج لائين سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ کي به ڳنڍي، ان لاءِ فيض اح??د فيض اسٽيشن تي هڪ جنڪشن تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو سومر تائين تيار ٿي ويندو. سومر کان راولپنڊي جا مسافر وزيراعظم جي هدايت جي نتيجي ۾ هوائي اڏي جي ڪنيڪشن سان گڏوگڏ اور??ج لائين جي ذريعي گولڙه ۽ نسٽ کان لنڪ به استعمال ڪ??ي سگهندا. اهو وزيراعظم شهباز شريف پاران راولپنڊي اسلام آباد جي عوام لاءِ وڏو تحفو آهي.