اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿ??رٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد ??رياني چانڊيو ۾ باهه جي متاثرين ۾ امدادي چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پا??ان جاري پڌرائي موجب 18 اپريل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪري پيش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان متاثر ٿيا هئا. باهه جي متاثرين ??ي امداد لاءِ وزيراعظم پا??ان فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻين متاثر خاندانن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين ??ي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا دادو جي معاونت سان متاثر خاندانن ۾ ورهايا آهن.