اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??ان جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙ چينين ج?? وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندو. صدر چيو ته ڏک جي ان گ??ڙي ۾ منهنجا جذبا چيني قوم سان گڏ آهن.