اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير مولانا عبدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وزير مولانا عب??ال??اسع ۽ سيف??ان وارو وزير سينيٽر محمد طلحه محمود شامل ه??ا. ??لاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.