پشاور – 01 – آگسٽ (اي پي پي) سفارتي ۽ انساني حقن جي ماهرن پوري خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪشمي?? جي حوالي سان گڏيل قومن کان پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فاشس?? مودي ح??ومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? جي غيرقانوني الحاق پوري ڏکڻ ايشيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن کي جنسي حملن جو نشانو بڻايو ويو جتي ڪشميرين کي آزاداڻي چرپر، مواصلات ۽ آزادين سميت سمورن حقن کان محروم رکيو ويو آهي. پاڪستان جي اڳوڻي سفير منظورالحق اي پي پي کي ٻڌايو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو غيرقانوني الحاق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي فاشس?? مودي ح??ومت پاران ڪيل اهڙي قسم جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم والاريل واديءَ جي تڪراري حيثيت کي نه ٿي بدلائي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو هو ۽ ان جو غيرقانوني الحاق يو اين جي قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي، ڀارتي ح??ومت جي 5 آگسٽ جي غيقانوني قدم پوري ڏکڻ ايشيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ٻن ??ئٽ??ي هٿيارن سان ليس پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير تي هڪ ٻي جنگ پوري خطي جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندي، ڀارتي ح??ومت پاران آرٽيڪل 370 کي ملتوي ڪرڻ آبادي جي ڍانچي سان گڏوگڏ والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي برابر هو ۽ پاڪستان اهڙي قسم جي غيرقانوني قدمن تي خاموش نه ٿو رهي سگهي. هن چيو ته انهن غيرقانوني ڪاررواين نام نهاد سيڪيولر رياست جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت ۾ اقليتن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي جتي مسلمانن ۽ ڪشميرين کي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين قتل ۽ رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 جي خاتمي مظلوم ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي ڪڌي ارادن ?? مودي ح??ومت جي رياستي دهشتگردي جي ذريعي اقليتن کي محڪوم بڻائڻ جي توسيع پسنداڻي پاليسين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.