اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هد??يت ڪئي آهي ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حم??يت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سعودي وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي الشمري ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود ه??ا. ??لاقات ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهازيب خان تي ٻڌل خصوصي ٽاسڪ فورس کي هد??يت ڪئي ته هو سعودي وفد جي پاڪستان ۾ قيام دوران ئي سمورين ڌرين سان گڏجي م??ئلن جو حل ڪڍي. وزيراعظم لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي هد??يت ڪئي ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ پيل سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب جي م??ڻهن جي لاءِ ٻئي گه?? جهڙو آهي ۽ پاڪستاني به سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گه?? سمجهن ٿا. وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته اسان جي حڪومت توانائي جي ان سستي ۽ صاف ذريعي کي فروغ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿئي ۽ عوام کي سستي بجلي پڻ فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب سدائين داخلي ۽ پرڏيهي م??اذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حم??يت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر قسم جي م??د ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.