اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪش??ير بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڪشمي??ين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، موجوده حڪومت ڪش??ير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 27 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهيون، تاريخ ۾ اڄوڪي ڏينهن ڀارت پنهنجي قابض فوج ذريعي ڪش??ير تي حملو ڪيو. اهڙو اظهار هن والاريل ڪش??ير تي ڀارت جي غير قانوني والار خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمي??ين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي اهڙي داستان شروع ٿي جيڪا اڃان تائين جاري آهي?? ڀارت هر ايندڙ ڏينهن والاريل ڪش??ير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌ ڪئي آهي، قمر زمان ڪائره چيو ته ڏهاڪن جي هن سفر ۾ ڪشمي??ين جي عزم، همت ۽ آزادي جي تڙپ ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي، پاڪستان ڪشمي??ين جي خودمختياري واري حق جي حاصلات تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.ڪش??ير جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس پاڪستان جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس آهي، هن چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ۽ هر ماڻهو هن ڪيس کي پنهنجي دل جي ويجهو رکي ٿو، ڪشمي??ين پنهنجي حقن لاءِ رت کان وڏ??ون قربانيون ڏنيون آهن?? ڀارت ڪشمي??ين تي دنيا جي ڏاڍ جا سمورا هٿيار آزمائي چڪو آه?? پر هو ڪشمي??ين جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. قمر زمان ڪائره چيو ته انشاءُ الله اسان جا ڪشميري ڀائر جلد پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا ۽ پنهنجي منزل جو فيصلو پاڻ ڪندا، هن چيو ته موجوده حڪومت ڪش??ير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مسئلي کي دنيا جي فورمز تي اڳيان اڳيان رکن ٿا،هن چيو ته اسان دنيا جي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ادارن کي جاڳائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.