اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪستان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿي??دڙ زيان ۽ نقصان جي ايجنڊا کي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، اهو هڪ تاريخي قدم آهي، پاڪستان جو ڪيس موسمياتي انصاف آهي خيرات نه آهي، ترقي يافته ??لڪن پاران ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي قبول ڪرڻ خوش آئنده آهي، جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو. هو شرم الشيخ ۾ ٿي??دڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس دوران پاڪستان جي ڪامياب موسمياتي سفارتڪاري تي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي حصيدارن جي ڪوششن کي ساراهڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??اڪستان کي تازي ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿي?? آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1800 فوتگيون ٿي??ن جڏهن ته زراعت، صنعت، لائيو اسٽاڪ، انفراسٽرڪچر سميت 30 ارب ڊالر جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ??اڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪئي ويندڙ مدد سدائين ياد رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستانجي اندر به سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي، اهڙي طرح سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي صوبائي ادارن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو، موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪوپ 27 جي عالمي فورم تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪر??ار ادا ڪيو. هن چيو ته ??وسمياتي تبديلي جي ڪري برساتن سان پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي جڏهن ته ??وسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسان جي خواهش ۽ دعا آهي ته جيڪو پاڪستان ۾ ٿي?? اهو ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ٿئي جڏهن ته اها تلخ حقيقت آهي ته ??وسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ان جي نتيجن ۾ رونما ٿي??دڙ آفتون سرحدن جون پابند نه آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿي?? جو پاڪستان جو آواز عالمي سطح تي ٻڌو ويو ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ماحولياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جو ڪر??ار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ??اڪستان جو ڪيس موسمياتي انصاف جو آهي خيرات جو نه آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترقي يافته دنيا موسمياتي تبديلي جي چئلينج جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ شرم الشيخ ۾ شاندار معاهدو طئي ٿي?? جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جڏهن ته ??عاهدن تي عملدرآمد جي وڌيڪ اهميت هوندي ان موقعي تي وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿي??دڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.