اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين تي لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سان ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر ??وڳي تبديلي اچي س??هي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڊيسنٽ فزيشن سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر آصف سيد سان ملاقات دور??ن ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ادارن جي وچ ۾ ڄاڻ جي منتقلي جي لاءِ پاڪستاني ادارن سان رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ تازي ٻوڏ دوران پاڪستاني ڊيسنٽ فزيشنز سوسائٽي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيو. صدر چي?? ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر ??وڳي تبديلي اچي س??هي ٿي. هن چي?? ته سوسائٽي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ فني ترقي آڻڻ ۾ فعال ڪردا ادا ڪري س??هي ٿي. ڊاڪٽر آصف سيد سوسائٽي جي ڪردار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.