اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پا??ست??ن بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو ا??هار ڪيو. وفد پاران حڪومت کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پا??ست??ن جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پا??ست??ن بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي پا??ست??ن بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب ڪئي. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو ا??هار ڪندي وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پا??ست??ن بزنس ڪائونسل ملڪي معيشت جي مڪمل بحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي مجرماڻي غفلت سان گذريل 4 سالن دوران ملڪي معيشت جي ناقابل تلافي نقصان پهتو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪومت قومي خدمت جي جذبي تحت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سان ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ملڪي معيشت کي تباهي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. وزيراعظم حڪومت جي ان عزم کي به ورج??يو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حمايت سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اقتصادي معاملن ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر جي چيئرمين عاصم احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.