اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمو?? ۽ ??شمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چي?? ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي قرارداد منظور ڪئي هئي. هن چي?? ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انساني حقن جي دستاويزن ۾ برقرا?? رکيو ويو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي خودمختياري جي حق بابت پنهنجي سالياني قرارداد ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي عزم جي احترام جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير تي ڀارتي قبضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چي?? ته ڀارت ڀارت والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ دهشت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خودمختياري جي حق جي پنهن??ي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو استعمال ڪرڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته هي وقت آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمو?? ۽ ??شمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ لکيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي قدمن کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏيڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ڪشميري جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.