ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارا?? جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي ??وا??ي اڏي تي گڏيل عرب امارا?? جي اقتصادي مع??مل?? واري وز??ر عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارا?? جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قو?? جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مع??مل?? تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارا?? جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.