اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو مسجد تي حملو اسلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گه??ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن غلط فهمي جو شڪار آهن ته معصومن جو رت وهائي دهشتگردي جي خل??ف اسان جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خل??ف فرنٽ لائين صوبو ??هي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئي وئي. هن چيو ته قائد نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو آندو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلن??ي ۽ گه??ڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.