اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه ??ي حڪومت ۽ عوام س??ن قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چي?? ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه ??ي حڪومت ۽ عوام س??ن گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائي?? پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه ??ي عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چي?? ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي جا وڌندڙن واقعا پوري دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي رهي.