ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ??اهر 2 ڪروڙ کان ??ڌيڪ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي کي انهن جي بنيادي حق کان ??حروم رکيو ويو آهي جيڪو قوم جو تمام وڏو نقصان آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ اشرافيه وٽ معاشري جي ان ??ظرانداز طبقي جي مدد ۽ ترقي جي لاءِ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، اها تعليم يافته نوجوانن ۽ اشرافيه جي ذميواري آهي ته اهي انهن پٺتي پيل ٻارن کي مفيد ۽ ذميوار شهري بڻائڻ جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ اقراءَ يونيورسٽي جي 20 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي حسين لاکاڻي گروپ جو چيئرمين نويد لاکاڻي، اقراءَ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ارم اسد، اڳوڻا شاگرد، استاد ۽ پڙهائي پُوري ڪري نڪرندڙ شاگردن جا والدين پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر صحت ۽ تعليم کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو بنياد قرار ڏنو ۽ پاڪستاني يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي شاگردن کي روزگار جي قابل هنر سان ??يس ڪن، انهن جي تجزياتي ۽ تنقيدي سوچ جي صلاحيتن کي فروغ ڏين ته جيئن اهي پنهنجي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگهن. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليمي ۽ پيشيواراڻي زندگي دوران ??ائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن تي هلن. هن چيو ته شاگردن کي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ معاشري ۾ ساٿي انسانن سان ??نهنجي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۽ حقوق العباد جي ادائيگي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪميونيڪشن جي موثر صلاحيتن کي پڻ اڀارڻ ??هر??ي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي سڄي زندگي سکڻ وارا بڻجن ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان ??م آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي علم ۽ هنر کي اپ ڊيٽ ڪندا رهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوانن مان ??ڏيون اميدون آهن ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ جدت، تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ ??هر??ي ته جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ نمايان تبديلين کان ??اڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي روشناس ڪرائي سگهجي. صدر ملڪ کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ جديد تعليم کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن فارغ ٿيندڙ شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اهي نظم ۽ ضبط ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏين. صدر چيو ته ڪاليجن ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو نوجوان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، نوجوان ??توازن زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت ۽ تندرستي جو خيال رکن. هن يونيورسٽي جي شاگردن، فيڪلٽي ۽ اڳوڻي شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي ذميواريون پڻ پوريون ڪن. ان ??وقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي بهترين تعليمي ڪارڪردگي تي شاگردن ۾ گولڊ ميڊل پڻ ورهايا. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 800 کان ??ڌيڪ شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا.