اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد برساتن س??ن ٻوڏ صورتحال ۽ قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظ۾ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن س??ن همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي ج??ت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.