اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي، پارليامينٽ کي انتظامي ??عا??لن ۾ بهتري جي لاءِ قانونس??زي جو اختيار حاصل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽرينز جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ عورت پارليامينٽرينز جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتون پاڪستان جي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، قانونس??زي ۾ عورتن جي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي. پارليامينٽ کي انتظامي ??عا??لن ۾ بهتري جي لاءِ قانونس??زي جو اختيار حاصل آهي. پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونس??زي پڻ شامل هئي.