اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته اسان جي سياسي اڳواڻن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪري 1973ع جو م??فق?? آئين جوڙي تاريخ لکي، آئين سمورين وفاقي ڌرين کي قيامت تائين هڪ ڏور ۾ ٻڌي رک??دو، موجوده اتحادي حڪومت گڏجي درپيش چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. آئين جي گولڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ منعقد ڪنوينشن ۾ آئين جي گولڊن جوبلي قرارداد پيش ڪند?? پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. هن ڪنوينشن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رک??دڙ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته مختلف موقعن تي آئين ۾ ٿيندڙ ترميمن جي باوجود اهو زندهه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني عدل ۽ انصاف جي بول بالا جي لاءِ مختلف نظرين ۽ سوچ رک??دڙ پار??ين گڏجي آئين جوڙيو، ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، مولانا مفتي محمود، مولانا شاهه احمد نوراني سميت ٻين اڳواڻن اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته 1999ع ۾ پهريون ڀيرو نظريه ضرورت کي ايجاد ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح هڪ چيف جسٽس هڪ ڊڪٽيٽر کي 7 سالن جي رعايت ڏئي ڇڏي، آئين کي ڪجهه وقتن تي ري رائيٽ به ڪيو ويو، 1973ع جو آئين جوڙيندڙن هڪ تاريخ لکي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پار??ين گڏجي ملڪ کي مشڪل حالتن کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت سنڀالي، جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته چيو پئي ويو ته هي اتحادي حڪومت هڪ مهينو به نه هلندي، اڄ هڪ سال ٿي ويو آهي، چئلينجز ۽ مشڪلاتون ضرور آهن پر جڏهن پڪوپهه ڪري ڇڏيو ته گڏجي هلڻو آهي ۽ ڪم ڪرڻو آ??ي ته توهان اڳتي وڌو ٿا. هن چيو ته اسان سان شامل سياسي پار??ين مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ ٻين پار??ين پنهنج?? پنهنجي منظور تحت اليڪشن ۾ وڃڻو آهي پر جڏهن اهو طئي ڪيو وڃي ته اسان کي گڏجي معاملن کي هلائڻو آ??ي ته وڏا وڏا چئلينجز عبور ٿي وڃن ٿا. هن آئين سازن کي سلام پيش ڪندي چيو ته آئين جوڙيندڙن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ م??فق?? آئين ڏنو. هن چيو ته سمورين ترميمن ۽ مشڪلاتن جي باوجود آئين چئني وفاقي ڌُرين کي هڪ ئي ڏوري ۾ ٻڌي رک??و آهي ۽ قيامت تائين جوڙي رک??دو. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ سينيٽر ميان رضا رباني کي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.